اسلام آباد ??? 04 – مئي (اي پي پي) توانائي واري م??لڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر م??دق ملڪ ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي کي لکيل خط کي ”اسان کي بچايو اپيل“ قرار ڏنو آهي. ان حوالي سان ردعمل ڏيندي ڊاڪٽر م??دق ملڪ چيو ته اهو خط ن?? ”??سان کي بچايو“ جي اپيل آهي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ طرف تحريڪ انصاف آمريڪا تي ٻاهرئين ملڪ سازش جي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ ٻئي طرف گڏيل قومن کي رحم جي اپيل ڪري رهي آهي. هن پڇيو ته اها ڪهڙي سازش آهي؟ هن چيو ته هڪ طرف آزادي جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ ٻئي طرف سياست چمڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ خط لکي رهيا آهن. هن چيو ته ٻين تي فتويٰ ڏيڻ وارا پي ٽي ??ءِ ليڊر ڪهڙي م??هن سان گڏيل قومن کي عرضيون لکي رهيا آهن؟.