اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته غير ملڪي طاقتن کي پا??ستان ۾ سازش جي ذريعي حڪومت جي تبديلي جو ڪو به حق نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پا??ستان ۾ حڪومت جي تبديلي جي حوالي سان ملندڙ غير ملڪي ڌمڪي واري خط تي بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته غير ملڪي طاقتن کي پا??ستان ۾ سازش جي ذريعي حڪومت جي تبديلي جو ڪو به حق حاصل نه آهي، پا??س??ان جي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين.