اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? آصف زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به نه وڪامجندو، تحريڪ انصاف ۽ عمران خان عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندا، مخالف ڌر پيغام ڏنو آهي ت?? اين آر او ڏئي ڇڏيو، بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏينداسين پر قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ت?? توهان کي اين آر او نه ملندو، مينار پ??ڪس??ان تي عمران خان گهرايو ته سمنڊ اٿلي آيو ۽ اڄ ٻيهر پريڊ گرائونڊ ۾ قوم چئي رهي آهي ت?? وزيراعظم قدم وڌائي اسان توسان گڏ آهيون. پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته 27 مارچ تي پ??ڪس??انين کي اسلام آباد آڻڻ جي دعوت جي ت??نا منهنجي قائد ڪئي ۽ اڄ ٻڌائي ڇڏيو ته قوم جاڳي چڪي آهي. 1947ع ۾ قائداعظم قوم کي جاڳايو ته پ??ڪس??ان ٺهيو، 1965ع ۾ قوم جاڳي، پشاور اي پي ايس حملي ت?? قوم جاڳي ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڄ قوم جاڳي آهي ت?? ڪجهه ضمير وڪامجن ٿا ته ڪجهه ضمير حسين جي للڪار وانگر بيهي رهن ٿا، آصف علي زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به وڪامجڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي قوم اڄ عوام جي ڪچهري ۾ سرخرو ٿي وئي ۽ قوم عمران خان کي چئي ڇڏيو ته اها ان سان گڏ بيٺل آهي، ??يٺل هئي ۽ بيٺل رهندي. هتي ڪو ضمير فروش نه آهي. اڄ عمران جي بغض ۾ سڀ گڏ ٿي ويا. عمران خان جو ڳاٽ هي قوم ڪڏهن جهُڪڻ نه ڏيندي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اهي عمران خان کي پيغام ڏين ٿا ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، هو بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏيندا. قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ت?? زرداري، نواز شريف، فضل الرحمان توهان کي اين آر او نه ملندو. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان چيو هو ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائيندس. هن چيو ته اسلامو فوبيا ۽ گستاخي ڪندڙن جي خلاف قرارداد منظور ٿي آهي ۽ اهو اعزاز به پ??ڪس??ان ۽ توهان جي وزيراعظم جي حق ۾ وڃي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي سيني ۾ تمام گهڻا راز آهن، چاڪ ڪري ڇڏيان ته هي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهن پر آئون هڪ حلف جو پابند آهيان. وفاقي وزير چيو ته مون پنهنجي ڪپتان کي آگاهه ڪري ڇڏيو ته منصوبابندي ڪهڙي آهي ۽ ڪٿان ٿي رهي آهي، ??ها امانت مون توهان کي ڏئي ڇڏي آ??ي، قوم جڏهن ڪنڌ کڻي جيئڻ جو عزم ڪري ٿي ت?? مشڪلاتون اينديون آهن. هن شرڪت ڪندڙن کان وچن ورتو ته توهان عمران جو ساٿ ڏيندا ۽ گهٻرائيندا نه. هن چيو ته منهنجي ڪپتان 30 آڪٽوبر 2011ع تي مينار پ??ڪس??ان گهرايو هو ۽ قوم آئي ۽ اڄ ٻيهر 27 مارچ تي پ??ڪس??اني قوم اهو پيغام کڻي آئي آهي ت?? قدم وڌائي عمران اسان توسان گڏ آهيون. هن چيو ته قوم چئي رهي آهي ت?? اسان کي کپي پراڻو خان ۽ نئون پ??ڪس??ان. ضمير فروشن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي.