اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هي?? اجلاس جي موقعي تي ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊون پرامودونائي سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ٿائي لينڊ سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير سياحت جي فروغ لاءِ ٿائيلينڊ جي وسيع تجربي مان فائدو کڻن جي ارادي جو اظهار ڪي??. گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت ورثي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان جي پاليسي جي مقصدن کان ٿائي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪي??. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط اقتصا??ي، واپاري، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو اطهار ڪي??. افغانستان جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ عالمي کان انساني بنيادن تي افغان عوام جي معاونت جو گهرجائو آهي. ٿائي پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده رابطي جي اهميت ک?? تسليم ڪندي ٻنهي پرڏيهي وزيرن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪي??.