اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو و??و، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”اسلامو فوبيا جي عالمي ڏينهن“ جي م??ضوع تي خطبو ڏنو و??و، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو، هن چيو ته مسلمانن سدائين علم کي فروغ ڏنو آهي، خطيب ان ??الهه تي زور ڏنو ته اسان ??ي ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر معاشرو ۽ ماحول ڇڏڻو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان قرارداد منظور ڪئي و??ي آهي جنهن جي م??ظوري ۾ سمورن اسلامي م??ڪن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته مسلمانن سدائين هر معا??ري جي بهتري لاءِ ڪم ڪ??و، وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان پوري انسانيت جي بهتر ممڪن بڻائي سگهجي ٿي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جمعي نماز جي م??قعي تي م??ڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي و??ي.