اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ معاشري جي غريب طبقن جي سهولت لاءِ قومي صحت ڪ??رڊ، ڪامياب جوان پروگرام ۽ احساس راشن رعايت پروگرام جهڙن تاريخي حڪومتي قدمن تي وزيراعظم کي ساراهيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي درخواست ڪ??ي ته سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ به وفاقي ف??ڊز مان صحت ڪ??رڊ جاري ڪيو و??ي ڇو ته سنڌ جي صوبائي حڪومت ان مقصد جي لاءِ وسيلا رکڻ جي لاءِ تيار نه آهي. وزيراعظم انهن کي يقين ڏياريو ته هو سنڌ جي عوام جي مفاد لاءِ ان سلسلي ۾ سمورن ممڪن آپشنز تي غور ڪري حل ڪڍندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، محمد اڪرم چيما، علي حيدر زيدي، محم?? ميان سومرو ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر شرڪت ڪ??ي. قومي اسيمبلي ميمبرن محمد اڪرم چيما، آفتاب حسين صديقي، محمد عالمگير خان، سيف الرحمان، آفتاب جهانگير، محمد اسلم، غزالا سيفي، نصرت وحيد، نزهت پٺاڻ، جئه پرڪاش، رميش ڪمار ۽ لال چند مالهي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪ??ي.