اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪن??ڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي، وزيراعظم جو دؤري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دؤري جي حو??لي سان خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش آهي. ايل اين جي جي حو??لي سان 3 کان 4 منصوبا اهڙا آهن جن تي گذريل 6 مهينن دوران پاڪستان جو دؤرو ڪندڙ روسي ٽيمن سان پهريائين ڳالهيون ڪري چڪا آ??ن. ??نهن منصوبن بابت معاملن تي وزيراعظم عمران خان روس جي صدر پيوٽن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، جڏهن ته روس جي نائب وزيراعظم سان باضابطه طور تي ڳالهائيندس. حماد اظهر چيو ته روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪن??ڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. يورپ، اُتر آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا روس سان گهرا رابطا آهن، جڏهن ته پاڪستان جا اهڙيءَ طرح جا رابطا روس سان پهريان نه هئا، انهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي.