اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي وڻڪاري ۾ ڀرپور حصو وٺن، هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري، ايندڙ نسلن جي لاءِ اهو ضروري آهي، پوري دنيا ماحولياتي تبديلي جي خلاف ا??ان جي جدوجهد کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اسڪائوٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي بهار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جي ا??تتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسڪائوٽس کي ا??هن جي قائم ٿيڻ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. بدقسمتي ??ان پاڪستان ا??هن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جتي موسمياتي تبديلي جو خطرو درپيش آهي. وڻڪاري جي ذريعي ا??ان پنهنجي ا??ندڙ نسلن جو تحفظ ڪري سگهون ٿا ۽ انهن کي بهتر ماحول فراهم ڪري سگهون ٿا. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن، والدين پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ ان مسئلي جي ا??ميت کي سمجهن ۽ هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري، اهڙي طرح ا??ان اصل ۾ پنهنجي مستقبل جي پرورش ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 12 موسم ڏنا آهن، هتي هر قسم جي وڻن ۽ ميون جي واڌويجهه ٿي سگهي ٿي. ا??ان کي ا??له تعاليٰ جي ڏنل نعمتن جو قدر ڪرڻ گهرجي، ا??ان الله جي نعمتن جي پرواهه نه ڪئي ا?? لاءِ موسمياتي تبديلي جي عذاب ۾ گهيريل آهيون. وزيراعظم چيو ته هلندڙ بهار جي موسم ۾ 54 ڪروڙ وڻ لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جهڙي طرح ان کان اڳ سمورا هدف حاصل ڪيا، هي به ڪنداسين. هن چيو ته ٽين بلين ٽري سونامي منصوبي ??ان پاڪستان جو ماحول بهتر ٿي ويندو، بدقسمتي ??ان گذريل سالن دوران ا??گريزن جا لڳايل ٻيلا ۽ وڻ به تباهه ڪيا ويا. وزيراعظم وڻڪاري مهم جي ڪاميابي تي ملڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته موسمياتي تبديلي جي خلاف ا??ان جي جدوجهد کي دنيا ساراهيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو ته هيستائين ا??ان وڻڪاري جي حوالي ??ان سمورا هدف حاصل ڪيا آهن. 54 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. هزارين ماڻهن کي وڻڪاري ??ان سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح روزگار حاصل ٿيو آهي. هلندڙ سيزن دوران هدف کان پنجوڻ تي وڌيڪ وڻ لڳائينداسين. هن ٻڌايو ته سعودي عرب ??ان ماحوليات جي حوالي ??ان ايم او يوز تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. برطانوي وزيراعظم ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم پڻ ماحوليات جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته ساڍا 9 هزار سائنس تي وڻڪاري جاري آهي ۽ ان جا تفصيل ا??ان پبلڪ ڪري ڇڏيا آهن. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوٽو لڳائي بهار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي تعليم وارو وزير شفقت محمود ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.