پنڊ دادن خان – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جو وزيراعظم ۽ عوامي نمائندو اهو هجڻ گهرجي جيڪو ماڻهن جي عزت ۾ اضافو ڪري سگهي، ع??را?? خان ??ي ليول جو ڪو ليڊر پاڪستان ۾ موجود نه آهي، اسان ??ا مخالف سياسي ڄامڙا آهن، انهن جو آواز عالمي سطح تي نه ٿو ٻڌو وڃي، اسلامو فوبيا سميت مختلف معاملن تي عالمي برادري ع??را?? خان ??ي موقف کي سدائين ٻڌو آهي، چين جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم ع??را?? خان ??و شاندا?? استقبال ڪيو ويو. پنڊ دادن خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 23 سالن کانپوءِ ڪو به پاڪستاني ليڊر ماسڪو جو دورو ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ وزيراعظم ع??را?? خان ??و روس جو دورو گيم چينجر هوندو، چين کانپوءِ روس سان پاڪستان ??ا مستحڪم لاڳاپا قائم ٿيڻ وڃي رهيا آهن. هن چيو ته مريم نواز ل??ڊن مان پنهنجو پئسو واپس کڻي اچي ته حالتون ڪافي بهتر ٿي وينديون، مريم نواز کي احساس آهي ته پنهنجي بابا ۽ ڀائرن کي چوي ته پاڪستانين جو پئسو واپس ڪن. هن چيو ته جيڪي اسان ??ي خلاف عدم اعتماد آڻڻ چاهين ٿا انهن جي گهروارا به انهن تي اعتماد نه ٿا ڪن. مخالف ??ر سينيٽ ۾ اڪثريت جي باوجود پنهنجا ووٽ پورا نه ڪرائي سگهي، مخالف ڌر ۾ جرئت آهي ته سڀاڻي ئي عدم اعتماد کڻي اچي، ع??را?? خان ??ي حڪومت کي وفاق ۽ پنجاب ۾ ڪو خطرو نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين سان ??حترام جو تعلق آهي، اميد آهي ته هو پارٽي سان گڏ رهندو. جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ آهن پي ٽي آءِ جا ڪارڪن تياري ڪن، جهلم جي عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آهن ۽ وقت اچي ويو آهي ته جهلم جي ماڻهن جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪيو وڃي ۽ انشاءَ الله ماضي وانگر هن ڀيري به پي ٽي آءِ جهلم ۾ ڪلين سوئپ ڪندي. وفاقي وزير چيو ته محسن بيگ مراد سعيد جي لاءِ جيڪا بيهوده زبان ??ستعمال ڪئي ان ??ي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪئي، پاڪستان ??و ڪو به شخص محسن بيگ جهڙي طرز ڪلام جي حمايت نه ٿو ڪري، قانون ان کي احترام سيکارڻ چاهي ٿو، مراد سعيد اڳتي وڌي معاملي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پوري قوم ان ??ان گڏ بيٺل آهي.