زائو شن/ شوڪت چانڊيو
ان کان هٽي ڪري ته دنيا هن وقت ڪوويڊ 19 جي وبا کي منهن ڏئي رهي آهي پر بيجنگ ۾ ونٽر اولمپڪس را??دين جون تياريون زور شور سان ??ار?? آهن، جيڪي 4 فيبروري کان شروع ٿينديون. چين ان حوالي سان پنهنجي ڪيل واعدي کي مڪمل طور تي سرانجام ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن انتظام ڪيا آهن ۽ هن ونٽر اولمپڪس جي لاءِ 2015ع ۾ ٿيل واڪ ۾ حصو ورت?? هو ۽ بيجنگ هن وقت سڄي دنيا مان ايندڙ را??ديگرن جي آجيان لاءِ ٻانهون کولي بيٺل آهي ۽ ان سان سڄي دنيا جيڪا صديءَ جي هڪ خطرناڪ ۽ هاڃيڪار وبا کي منهن ڏئي رهي آهي ان جي لاءِ هڪ خوبصورت لمحو ثابت ٿيندو. جڏهن ته ٻين اولمپڪس را??دين ۾ جيڪي الپائن ريزارٽ ٽائون سينٽ مورٽس سوئيٽزرلينڊ، جاپان ۾ ٿيون هيون ته جاپان پنهنجو 6 ايٿليٽس جو هڪ جٿو موڪلي?? هو ۽ ايشيا جو اهو پهريون ملڪ هو جنهن ان ونٽر اولمپڪس ۾ حصو ورت?? هو. چين 1980ع ۾ ونٽر اولمپڪس ۾ حصو ورتو ۽ سال پڄاڻان چين انٽرنيشنل اولمپڪس ڪميٽي ۾ پنهنجي هڪ سيٽ جي دعويٰ ڪئي ۽ چين 16 هين ونٽر اولمپڪس گيمز جيڪي 1992ع ۾ ٿيون پنهنجو پهريون ونٽر اولمپڪس ميڊل کٽيو. جڏهن ته هو 2002ع ۾ 19 هين اولمپڪس ونٽر گيمز ۾ پنهنجي پهرين گولڊ ميڊل سان گڏ واپس ملڪ واپس آيو. جڏهن ته هن وقت ايشيا جي ملڪن جو ونٽر اولمپڪس جو پنهنجا جٿا موڪلڻ جو انگ وڌي ويو آهي ۽ ايشيا جا را??ديگر هن وقت ونٽر اولمپڪس ۾ ميڊل کٽڻ جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳتي آهن. هيستائين سڄي دنيا جي 20 شهرن ونٽر اولمپڪس جي ميزباني ڪئي آهي. جن مان 3 ايشيا ۾ آهن. جنهن ۾ جاپان جا سپورو (1972ع)، نگانو (1998ع) شهر، ڏکڻ ڪوريا جو پيان چانگ (2018ع) شامل آهن.
چين هن وقت را??دين جي عالمي مقابلن ۾ فعال طور تي شرڪت ڪري رهيو آهي ۽ ان جي ميزباني لاءِ به سڀ کان اڳتي آهي ته جيئن سڄي دنيا سان را??دين وسيلي دوستي قائم ڪري سگهجي، خاص طور تي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان. 1963ع جي شروع ۾ چين نيو ايمرجنگ فورسز جي را??دين ۾ پنهنجو جٿو موڪليو جيڪي جڪارتا (انڊونيشيا) ۾ ٿيون هيون ۽ جڏهن اهو جٿو واپس موٽيو ته انهن وٽ 66 سون جا تمغا هئا ۽ ان سان عالمي برادري جو چين جي را??ديگرن طرف ڌيان ويو. 1990ع ۾ بيجنگ ايشين گيمز جي ڪاميابي کانپوءِ چين جي گادي واري شهر ثمر اولمپڪس جي 2008ع ۾ ڪاميابي سان ميزباني ڪئي ۽ دنيا چين ۾ هڪ شاندار تبديلي ڏٺي.
2018ع جي پيان چانگ ونٽر اولمپڪس، 2020ع جي ٽوڪيو اولمپڪس ۽ هاڻي 2022ع بيجنگ ونٽر اولمپڪس ان جو واضح ثبوت آهن. اولمپڪس جي مشعل ايشيا ۾ 3 ڀيرا چئن سالن ۾ ٻري آهي ۽ اسان سڄي دنيا جي را??ديگرن کي بيجنگ ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته ڪهڙو ملڪ سمر ۽ ونٽر اولمپڪس جي ميزباني ڪري ٿو، چين، جاپان يا ڪوريا سدائين را??دين جي ميزباني لاءِ وڏي دل رکي آهي ۽ دنيا جي لاءِ پنهنجون ٻانهون سدائين کولي رکيون آهن.
بيجنگ 2022ع ونٽر اولمپڪس را??دين جي لاءِ پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن نيڪ خواهشن ۽ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان، منگوليا جي وزيراعظم لوئانسي مرسئي اوين اردني شامل آهن. جڏهن ته ان کانسواءِ مختلف ملڪن جي حڪومتن جا نمائندا ۽ ڪميٽين جا ميمبر پڻ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪري اولمپڪس جي نعري ”گڏ آهيون“ کي سچ ثابت ڪندا. منگوليا جي وزيراعظم چيو آهي ته اولمپڪس را??ديون سڄي انسان ذات جي لاءِ آهن. جاپان جي اڳوڻي وزيراعظم ياسو فڪودا 2022ع جي بيجنگ اولمپڪس را??دين جي لاءِ ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته ان وبا جي هوندي به را??ديگر بيجنگ ونٽر اولمپڪس ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا ۽ اهي پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا.
جاپان اولمپڪس ڪميٽي جي چيئرمين ياسوشيتا ياماشيتا ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته بيجنگ ونٽر اولمپڪس مڪمل طور تي ڪامياب ٿينديون ۽ هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته دنيا جيڪا هن وقت ڪوويڊ 19 جي وبا جي ڇانوَ ۾ آهي ان کي هنن را??دين وسيلي هڪ همت ۽ حوصلو ملندو.
ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ريپبلڪ آف ڪوريا سدائين بيجنگ ونٽر اولمپڪس جي حمايت ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته هي را??ديون اتر، اوڀر، ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿينديون ۽ ان سان گڏوگڏ ڪوريا سان رابطن کي پڻ هٿي ملندي. جڏهن ته ان کانسواءِ اولمپڪس ڪائونسل مليشيا جي صدر محمد نورزا ذڪريا، سريلنڪا جي را??دين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نمل راجا پاڪسا ۽ ٻين پڻ ونٽر اولمپڪس جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
جڏهن ته پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 جنوري تي چيني ميڊيا سان گڏيل ڳالهه ٻولهه ۾ چين جي ڪوششن ۽ ونٽر اولمپڪس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي?? هو ۽ چي?? هو ته مون کي يقين آهي ته ونٽر اولمپڪس را??ديون يقيني طور تي ڪامياب ٿينديون ۽ پاڪستان انهن ۾ حصو وٺندو ۽ ان کي ڀرپور نموني سان انجواءِ ڪندو. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته نوجوان نسل را??د ۾ شرڪت ڪري واپس موٽندو ته انهن وٽ هڪ خوبصورت ياد هوندي ۽ اهي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن انهن خوبصورت يادن سان موٽندا.
جڏهن ته 12 جنوري تي ڀارتي ميڊيا تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بيجنگ ونٽر اولمپڪس جي حمايت جي فيصلي جو بيان ??ار?? ٿيو جنهن ۾ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر اجيت ديول ڀارتي حڪومت جي تناظر ۾ چيو ته ڀارت پاڙيسري پهرين جي پاليسي تي قائم آهي.
4 جنوري هڪ مهينو اڳ بيجنگ ونٽر اولمپڪس جي تيارين جي سلسلي ۾ چين جي صدر شي جن پنگ را??دين جي هنڌ جو دورو ڪي?? هو جنهن ۾ مکيه ميڊيا سينٽر، ونٽر اسپورٽس ٽريننگ بيس ۽ ٻين جاين جو جائزو ورت?? هو. جڏهن ته چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وينگ وين بن ريگيولر پريس ڪانفرنس ۾ چي?? هو ته پريزيڊنٽ شي جي تازي دوري سان عالمي برادري کي 3 اهم پيغام ويا آهن ته چين پنهنجي واعدي کي اعزاز سمجهي ٿي. چين تيار آهي ۽ چين پراعتماد آهي ته هو هن وبا جي ڏينهن ۾ به ونٽر اولمپڪس کي ڪامياب ب??ائ??ندو ۽ بيشڪ چين پنهنجي نيشنل اسٽيڊيم ۾ اولمپڪس جي مشعل ٻارڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ سڄي دنيا کي محفوظ را??دين وسيلي اولمپڪس جو امن، دوستي ۽ ترقي جو پيغام ڏيندو.