بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري تي فوري قدمن تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ سان بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال ۾ ملاقات ڪئي. اها وزيراعظم عمران خ??ن جي آڪٽوبر 2019ع ۾ چين جي دوري کانپوءِ پهرين ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفي تعاون جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ خوشگوار ماحول ۾ ع??ائ??ائي ۽ عالمي اهميت جي گ??يل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ 24 هين اولمپڪ سرمائي گيمز جي ڪامياب ميزباني تي چين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ چين جي نئين سال جي شروعات تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته چين پاڪست??ن جو ثابت قدم دوست، ڀروسي جوڳو حامي ۽ مضبوط ڀاءُ آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري سدائين آزمائش جو مقابلو ڪيو ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي ويزن، خوشحالي، ترقي ۽ امن ۽ استحڪام جي گ??يل خواهش کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏ بيٺل رهيا. وزيراعظم عمران خان چيني صدر کي عوام جي محور تي ٻڌل جيو اڪنامڪ سوچ ۽ ??ن جي حڪومت جي پاڪستان ۾ پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زراعت ۾ جدت آڻڻ ۽ ع??ائ??ائي رابطن بابت پاليسين کان آگاهه ڪيو. هن پاڪست??ن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ چين جي تعاون ۽ مدد کي ساراهيو جنهن ۾ سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي مان فائدو کنيو ويو آهي. وزيراعظم سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي آجيان ڪئي جنهن جو محور انڊسٽري??ائ??زيشن ۽ عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آهي. وزيراعظم عمران خان چين جي صدر کي دنيا ۾ وڌندڙ قطبيت کان آگاهه ڪيو جنهن سان عالمي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿيا آهن. هن موسمياتي تبديلي، صحت، قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجز کي پڻ اجاگر ڪيو جن سان رڳو گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن موجب سمورن ملڪن جي غيرمشروط تعاون کي منهن ڏئي سگهجي ??و، ان سلسلي ۾ هن چيني صدر جي بيلٽ اينڊ روڊ ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽيو کي ساراهيو جيڪو پائيدار ترقي ۽ هدفن جي ڪاميابي لاءِ گڏيل قدم قرار ڏنو وڃي ٿو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلسل ظلمن ۽ هندوتوا ذهنيت تي ٻڌل آر ايس ايس، بي جي پي جي اقليتن جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو جيڪو ع??ائ??ائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت جي مسلسل فوج ڪشيءَ ع??ائ??ائي امن جي لاءِ خطرو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سهارو آهي. هن چين پاران پاڪست??ن جي خودمختياري، ع??ائ??ائي سالميت، آزادي ۽ قومي ترقي جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان سمورن اهم معاملن تي چين جي مڪمل حمايت جي پاڪست??ن جي عزم کي ورجايو. ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان سان خطي ۾ معاشي ترقي ۽ رابطن کي فروغ ملندو. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانست??ن جي فوري مدد ڪري. ٻنهي اڳواڻن صنعتي، خ??ائ?? ۽ ويڪسين جي فراهمي سميت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چ??ن ڪميونٽي جي تعمير جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ کي پاڪست??ن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.