اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي، ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقليتن جي نمائندگي وڌيڪ آهي ۽ اقليتن کي وڌيڪ حق ڏنا ويا آهن. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبر لال چند مالهي جي قيادت ۾ اقليتن جي وفد سان ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته سنڌ صوبو م??هب?? هم آهنگي ۽ برداشت جي حوالي سان ڊگهي تاريخ جو امين آهي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح سدائين ملڪ جي سمورن شهرين جي عقيدي ۽ مسلڪ کان مٿانهون هڪ جهڙن حقن جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ م??هب?? سياحت جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ هندومت ۽ ٻڌمت جا تاريخي م??هب?? آثار آهن ۽ انهن علائقن ۾ م??هب?? سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار کي پڻ سارا??يو.