اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان ڪينيا سا?? گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ڪينيا جي هم منصب ريچل اومامو سا?? ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون، افغانستان جي اڀرندڙ ??ور??حال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان ڪينيا سا?? ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. انگيج آفريقا پاليسي اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته پا??ستان ڪينيا سا?? گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي واپاري دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي وزير آڪٽوبر مهيني لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي ڪينيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد پيش ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي اڀرندڙ ??ور??حال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو ته ويجهي پا??يسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني ۽ معاشي بحران تي گهري ڳڻتي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ ??ور??حال وڌيڪ خراب ٿي ته افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغانين کي انساني ۽ معاشي مدد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻي، پرڏييه وزير ڪينين هم منصب کي نيزوبي ۾ موجود، سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پا??ستانين جي فوري مدد جي درخواست ڪئي، ڪينين پرڏيهي وزير ريچل اومامو نيروبي ۾ سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پا??ستانين کي جلد سعودي عرب موڪلڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.