اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مٺايون کائيندڙن جي روئڻ پٽڻ جو وقت شروع ٿي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??هباز شريف ۽ فيمل?? خلاف 7 ارب ٽي ٽي ايس ڪيس جي ريفرنس جي ٻڌڻي نيب عدالت ڪري رهي آهي، ??ن چيو ته ??مضان شوگر ملز ۽ العريبيا شوگر ملز جي ملازمن ??ي نالي تي 25 ارب جا جعلي بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جي تحقيقات ايف آءِ اي ڪري رهي آهي، رولو نه وجهو رسيدون ڏيکاريو.