اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب ۾ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪ??ي رهيو آهي، برطانوي پرڏيهي وزير کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، انساني حقن ج?? خلاف ورزين ج?? حوالي سان تفصيلي ثبوت پيش ڪيا. لنڊن ۾ برطانيا جي ٽن ڏينهن ج?? دوري جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته برطانيا اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان انس ان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته برطانوي هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ڪشمير ۽ افغانستان ج?? صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ج?? ڊگهي تاريخ آهي، برطانيا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپس جوڙڻ جي حوالي سان به برطانوي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن ج?? سنگين خلاف ورزين تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته مون برطانوي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ج?? حوالي سان تفصيلي ثبوت فراهم ڪيا. پرڏيهي وزير چيو ته برطانيا ۾ ٻاه??ئي?? ملڪ پاڪست??ني?? جو وڏو انگ رهي ٿو ۽ اهي برطانيا جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??ي رهيا آهن.