ڪابل -22 آگسٽ (اي پي پي) حزب اس??امي جي سربراهه انجنيئر گلبدين حڪمت يار ??فغ??ن مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهين واري حل لاءِ وزيراعظم عمران خان جي موقف ۽ ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ٻين سڀني سياسي گروپن تي ٻڌل هڪ جامع حڪومت وقت جي ضرورت آهي ۽ اهڙي حڪومت ??فغ??نستان ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪي سگهي ٿي ۽ جنگ سٽيل ملڪ کي بحران مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته دوحه امن معاهدي کان پوءِ نئين حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ هتي ابتدائي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.هن چيو ته ??فغ??نستان مان آمريڪي ۽ نيٽو فوج جي مڪمل نيڪالي کان پوءِ سڀني گروپن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون. هن چيو ته مسئلي جي حل لاءِ سڄي ??فغ??ن سياسي قيادت کي گڏجي ويهڻ گهرجي ته جيئن مسئلي کي حل ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڀئي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته ??فغ??ن عوام ڊگهي جنگ ۽ جهيڙي کان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي جنگ سٽيل ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ چاهي ٿي ۽ ترقي ۽ نئين سر تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. موجوده ۽ ماضي جي طالبان ۾ تبديلي بابت هڪ سوال تي حزب اس??امي جي سربراهه چيو ته سڀني ??فغ??نين کي مسلسل جنگ سان وڏو نقصان پهتو جن پنهنجي غلطين مان سکيو آهي. هن چيو ته موجوده طالبان ۾ هاڪاري تبديلي آئي آهي. ??فغ??نستان ۾ ڀارت جي ناڪاري ڪردار بابت هن چيو ته اميد آهي ته ڀارت ۾هاڻي ??فغ??نستان ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ماضي جي پاليسي ??و جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت ??فغ??نستان ۾ اڳوڻي سو??يت يونين جي يلغار جي حمايت ڪئي هئي. جيڪا ڪميونسٽن جي حمايتي ۽ مجاهدن جي مخالف هئي. هن چيو ته ڀارت ??فغ??نستان تي نيٽو جي حملن جي به حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان پنهنجي ڪنفليڪٽ ??فغ??نستان منتقل نه ڪري. ??فغ??ن سر زمين کي ڪنهن به جنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته امن ۽ استحڪام ڀارت سميت سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته ڀارت ۾ ??فغ??نستان ۾ امن جي بحالي لاءِ ??فغ??ن عوام جي جدوجهد جي حمايت ڪندو.