اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال شفاف ??ونڊن جو ضامن آهي، اڄ هر شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي اهميت حاصل آهي، اسان کي موجود دور جي گهرجن سان گڏ هلڻو پوندو، اهڙيون چونڊون چاهيون ٿا جنهن تي ڪير آڱر نه کڻي سگهي، وڪيلن کي چونڊ سڌارن تي پ??هن??ي راءِ ڏيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان بار ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل فيصل آباد جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي.