اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي چيو آه?? ته معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??، اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آه?? ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ ه??ر جي فراهمي ضروري آه??، پاڪست??ن بيت المال ٻارن کان مشقت جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آه??. هن اها ڳالهه پاڪست??ن بيت المال جي هيڊڪوارٽرز ۾ جبري پورهيئي کان متاثر ٻارن جي بحالي لاءِ پاڪست??ن بيت المال پاران قائم ڪيل اسڪولن جي ٻارن ۾ اسڪول بيگز ۽ ٻيا تحفا ورهائڻ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪئي. اهي تحفا پاڪستان ۾ مقرر غير ملڪي سفارتخانن جي هيڊ آف مشنز جي گهروارين جي گروپ ڏنا آه??. صدر جي گهرواريءَ تقريب جي انعقاد ۽ تحفن تي سفارتي ڪميونٽي جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته انساني ڀلائي ۽ ترقي جي ڪا به سرحد ناهي هوندي. هن چيو ته نوجوان نسل جو ڪنهن به معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آه??، اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آه?? ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ ه??ر جي فراهمي ضروري آه??، تعليم هر ٻار جو حق آه?? ۽ ان کي حق آه?? ته هو پنهنجو ننڍپڻ ڀرپور انداز ۾ گذاري.