اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبر?? کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن جيڪو هر سال حضرت عيسيٰ جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ عقيدت ۽ ا??ترام سان ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعا??يٰ حضرت عيسيٰ کي محبت، امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي الله تعا??يٰ جو پيغمبر مڃيندا آهن ۽ دل سان ان جي تعظيم ۽ ا??ترام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪرسمس جو ڏينهن اسا?? کي نئين اميدون ۽ منصوبن جي شروعات، تحقيقي صلاحيت?? کي اجاگر ڪرڻ، تڪرارن جي ح?? ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ امن ۽ تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جو درس ڏي ٿو.