GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪ فضائيه جي نوجوان ڪيڊٽس کي جديد ترين ٽيڪنالاجي، تصورن ۽ جديد جنگ بابت موجوده رجحانن کان باخبر رهڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

رسالپور – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪ فضائيه جي نوجوان ڪيڊٽس تي زور ڏنو آهي ته انهن کي جديد ترين ٽيڪنالاجي، تصورن ۽ جديد جنگ بابت موجوده رجحانن کان باخبر رهڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي، هن ڪشميرين جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ انهن جي منصفاڻي ۽ مقامي جدوجهد جي لاءِ سمورن فورمز تي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهڙن خيالن جو اظهار اصغر خان پي اي ايف اڪيڊمي ۾ گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. 148 هين جي ڊي (پي) 94 هين انجنيئرنگ، 104 هين ايئر ڊفينس ۽ 130 هين ڪمبيٽ سپورٽ ڪورسز جي گريجوئيشن تقريب ڪالهه اڱاري ڏينهن اصغر خان پي اي ايف اڪيڊمي رسالپور ۾ ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تقريب جو خاص مهمان هو. ان موقعي تي پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پڻ موجود هو. ان جي اچڻ تي پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان جي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ ايئر وائيس مارشل غضنفر لطيف خاص مهمان جو استقبال ڪيو. تقريب دوران مجموعي طور تي 131 ايوي ايشن ڪيڊٽس، 8 جنٽلمين ڪيڊٽس ۽ 3 نيول ڪيڊٽس گريجوئيشن ڪئي. خاص مهمان نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن کي برانچ جا نشان ۽ ٽرافيون ڏنيون. جنرل سروس ٽريننگ ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ٽرافي ايوي ايشن ڪيڊٽ سارجنٽ محمد علي گوهر کي ڏني وئي جڏهن ته ڪمبيٽ سپورٽ ڪورس ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي جي ٽرافي ايوي ايشن ڪيڊٽ سيد سعد علي حاصل ڪئي. ايئر ڊفينس ڪورس ۾ بهترين ڪارڪردگي تي چيف آف دي ايئر اسٽاف ٽرافي ايوي ايشن ڪيڊٽ سارجنٽ سڪندر عباس حاصل ڪئي جڏهن ته انجنيئرنگ جي شعبي ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي ايوي ايشن ڪيڊٽ صهيب سعيد چيف اف دي ايئر اسٽاف ٽرافي حاصل ڪئي. فلائنگ ٽريننگ ۾ شاندار ڪارڪردگي تي چيف آف دي ايئر اسٽاف جي بهترين پائليٽ ٽرافي ايوي ايشن ڪيڊٽ محمد موسيٰ جواد کي ڏنيو ئي جڏهن ته ايوي ايشن ڪيڊٽ صهيب سعيد کي ڪاليج آف ايروناٽيڪل انجنيئرنگ ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي اعزازي شمشير سان نوازيو ويو. ڪاليج آف فلائنگ ٽريننگ ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي اعزازي شمشير ايوي ايشن ڪيڊٽ ونگ انڊر آفيسر احمد ملڪ وصول ڪئي. فارغ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي خطاب ڪندي خاص مهمان نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زور ڏئي چيو ته اڄ پي اي ايف ۾ بطور آفيسر توهان جي سفر جي شروعات آهي، توهان هن ناليواري ايئر فورس اڪيڊمي ۾ سٺي تربيت حاصل ڪئي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته توهان پوري عزم ۽ لگن سان مستقبل جي چئلينجز تي ضابطو آڻي وٺندا. هن چيو ته پي اي ايف جي شاندار وراثت جي محافظ هجڻ جي ناطي توهان هن قوم جون اميدون پنهنجي نوجوان ڪلهن تي کنيون آهن ۽ ان لاءِ توهان کي جديد ترين ٽيڪنالاجي، جديد تصورن ۽ جديد جنگ بابت موجوده رجحانن کان باخبر رهڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي. هن پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي دورانديش قيادت، پاڪ فضائيه خاص طور تي آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائبر، اسپيس ۽ نائيڪي جي شعبن کي ساراهيو. هن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف جاري ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ڪشميرين جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ انهن جي منصفاڻي ۽ مقامي جدوجهد جي لاءِ سمورن فورمز تي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پي اي ايف اڪيڊمي جي ايروبيٽڪس ٽيم ”شير دل“ پريڊ واري جڳهه تي اسپرٽ پاس پيش ڪيو. ان کانپوءِ پي اي ايف ميراج، ايف 7 پي جي، جي ايف 17 ۽ جي 10 سي جنگي جهازن شاندار فلائنگ فارميشن جي ذريعي پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. تقريب ۾ اعليٰ فوجي ۽ سول عملدارن سان گڏوگڏ گريجوئيشن ڪندڙ ڪيڊٽس جي والدين شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں