اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوري مسلمان امت خاص طور تي پاڪستاني عوام کي عيد ميلادالنبي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلمان امت ۽ پاڪستان کي درپيش چئلينجز جو حل ن??ي اڪرم ﷺ جي تعليم ۾ لڪل آهي، اسان کي پ??هنجي اختلافن کي پ??تي وجهي پ??هنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 12 ربيع الاول جي موقعي تي قوم جي نالي پ??هنجي پ??غام ۾ چيو ته پوري مسلمان امت خاص طور تي پاڪستاني عوام کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت جي نست سان عيد ميلادالنبي تمام گهڻي مبارڪ هجي، 12 ربيع الاول جو ڏينهن اهو مبارڪ ڏينهن آهي جڏهن الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن تائين بني نوه انسان جي رهنمائي جي لاءِ پوري انسانيت کي هڪ ڪامل هدايت جو نور عطا ڪيو. هن چيو ته حضرت محمد ﷺجي مبارڪ زندگي، سندن سيرت طيبه ۽ ڪردار اسان جي لاءِ هڪ اهڙي مشعل راهه آهي جنهن جي روشني رهندي دنيا تائين هر انسان جي زندگي جي لاءِ هدايت جو ذريعو رهندي، سندن هر عمل ۽ فرمان ان ڳالهه جو مظهر آهي ته انسانيت کي ڪهڙي طرح محبت، ڀائيچاري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم رهي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي مشڪل ۽ ڏکئي دور ۾ اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت کي نه رڳو پڙهڻ پر ان تي ??مل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، مسلمان امت ۽ پاڪستان اڄ جن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن، انهن جو حل ن??ي اڪرم ﷺ جي تعليم ۾ لڪل آهي. انهن اسان کي اتحاد، محبت ۽ ڀائيچاري جي تلقين ڪئي ۽ اهي ئي اهي اصول آهن جيڪي اسان کي معاشرتي ۽ اقتصادي مسئلن مان ڪڍي سگهن ٿا، اچو اسان ان موقعي تي ??هو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي اختلافن کي پ??تي ??کي پ??هنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته ن??ي اڪرم ﷺ سدائين ڪمزورن، يتيمن ۽ ضرورتمندن جي مدد جو درس ڏنو، اڄ جي ڏينهن اسان کي انهن ماڻهن طرف خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي غربت، بک ۽ مشڪلاتن ۾ ورتل آهن، اسان جي ذميواري آهي ته اسان نبي پاڪ ﷺجي ان عمل کي اختيار ڪريون جنهن ۾ اهي هر حال ۾ ٻين جي مدد ۽ ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهندا هئا. هن چيو ته ان موقعي تي ??سان کي پ??هنجي مظلوم فلسطيني ۽ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ياد رکڻ گهرجي جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيا آهن، غزه ۽ فلسطين ۾ معصوم ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي پائمالي دل ڏکوئيندڙ واقعا آهن، ن??ي اڪرم ﷺ سدائين انصاف، آزادي ۽ انساني حقن جي تحفظ جي تعليم ڏني ۽ اڄ جي ڏينهن اسان کي انهن مظلومن سان يڪجهتي ??و اظهار ڪندي انهن جي حق ۾ پنهنجو آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اسان دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ اهل فلسطين ۽ اهل ڪشمير کي آزادي ۽ انصاف عطا فرمائي ۽ انهن جي مشڪلاتن کي ختم ڪري، اسان جو فر?? آهي ته اسان انهن مظلومن جي حق ۾ هر فورم تي ??واز اٿاريون ۽ عالمي برادري کي انهن جي حمايت تي ??اضي ڪريون. هن چيو ته اچو ته اسان هن مبارڪ موقعي تي وچن ڪريون ته ن??ي اڪرم ﷺ جي تعليم کي پ??هنجي زندگي جو حصو بڻائينداسين ۽ ان جي روشني ۾ پنهنجي معاشري کي هڪ بهتر، برابر ۽ پرامن جڳهه بڻائينداسين، منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائي ۽ اسان سڀني کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت تي ??مل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.