اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان جي پي مورگن پاڪستان جي سي اي او امين محمد خواجه جي قيادت ۾ عالمي سيڙپڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيڙپڪارن طرفان پاڪستاني معيشت ۾ اداره جاتي سيڙپڪاري ۽ فڪسڊ انڪم سيڙپڪاري جي دستياب موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. گذريل ڏينهن ناڻي وزارت طرفان جاري پريس پڌرائي مطابق ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن کي بهتر ??ڻا??ڻ ۾ نمايان اڳڀرائي تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ناڻي واڌ جي شرح 9.6 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي جيڪا گذريل 34 مهينن دوران جي گهٽ ترين سطح آهي. هن پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري جي نشاندهي پڻ ڪئي جيڪا مستحڪم ۽ اميد ڏيندڙ اقتصادي نقطئه نظر جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ملڪي معاشي اوسر مالياتي نظم و ضبط، ناڻي واڌ جي انتظام ۽ ادائگين جي سازگار توازن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڍانچي جاتي سڌارن جي ايجنڊا تي به تفصيلي روشني وجهندي وفد کي ٻڌايو ته ڍانچا جاتي سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي بنياد کي وسعت ڏيڻ، پبلڪ سيڪٽر جي ح??ن، نجڪاري مهم ۽ توانائي جي شعبي جا سڌارا آهن. وفاقي وزير چيو ته سڌارن سان مجموعي طور تي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ مدد ملندي. هن سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ گورننس کي وڌائڻ لاءِ جامع سڌارن واري ايجنڊا جي ح??الي سان حڪومت جي عزم ج ورجاءُ به ڪيو. هن چيو ته سڌارن جي ايجنڊا پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وڌ کان وڌ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ معيشت جي ڊگهي مدي وار استحڪام کي يقيني ??ڻا??ڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. ملاقات دوران عالمي سيڙپڪارن جي وفد پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ح??الي سان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سيڙپڪار?? ۾ ??ضافي جي امڪانن بابت اميد جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي تجديد جوڳي توان??ئي?? انفارميشن ٽيڪنالاجي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مالياتي شعبي سميت ٻين شعبن م سيڙپڪاري جي دستياب موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. هن ان شعبي ۾ گهري دلچ??پي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ مارڪيٽ آهي. وفاقي وزير سيڙپڪارن جي منصوبن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ح??الي سان حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترق?? ۾ ??راڪتداري تي انهن جي دلچ??پي جي آجيان ڪئي. هن پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست ماحول کي برقرار رکندي پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪيو.