اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي، معاشي ماهرن پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڳڻپ واري اداري پار??ن جاري رپورٽ ۾ آگسٽ 2024ع دوران مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ جي اعلان تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت نظر اچي رهي آهي، آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم جي محنت ڏانهن وڃي ٿو، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ناڻي واري وزارت جي اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ جي اڳڪٿي جي عين موجب آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته آگسٽ 2024ع ۾ ناڻي واڌ جي شرح 9.5 کان 10.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهندي. هن چيو ته معاشي ماهرن پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه آهي، 2018ع ۾ به ن??ڻي واڌ جي شرح کي سنگل ڊيجٽ تي ڇڏي ويا هئاسين، 2018ع کانپوءِ چار سالن ۾ ڏوهاري غفلت ۽ عوام دشمن پاليسين جي ڪري معيشت بدحالي جو شڪار رهي، مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ۽ عوام جي لاءِ پريشاني جي دور جي شروعات ٿي. هن چيو ته اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏئي ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان نه رڳو معيشت مستحڪم ٿي پر ترقي طرف گامزن آهي، خادم پاڪست??ن جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ عوام سان وچن ڪيو هو ته انهن جي پريشانين کي گهٽ ڪر?? تائين سک سان نه ويهندس. هن چيو ته الله تعاليٰ جو وڏو ڪرم آهي جو پنهنجا واعدا پُورا ڪر?? طرف گامزن آهيون، حڪومتي معاشي سڌارن جا مثبت نتيجا عوام جي خوشحالي جي صورت ۾ عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، عام ماڻهو جي زندگي کي آسان ۽ ??ن جي معاشي خوشحالي کانسواءِ پاڪست??ن جي ترقي جو هدف حاصل ڪر?? ممڪن نه آهي.