اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پرڏيهي ناڻي کي قانوني طريقي سان ??لڪ ۾ آڻڻ جي حوالي سان ??اڪستان حڪومت قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ اي – ڪامرس جي شعبي ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم سان عرب مانيٽري فنڊ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهد الترڪي ملاقات ڪئي. ان ??وقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ عرب ملڪن جي ??چ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي ناڻي کي قانوني طريقي سان ??لڪ ۾ آڻڻ جي حوالي سان ??اڪستان حڪومت قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ اي – ڪامرس جي شعبي ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته نار ملڪن ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ رهي ٿو جيڪو هڪ وڏو پرڏيهي ناڻي پاڪستان ??وڪلي ٿو، بونا ۽ راست جي تعاون سان ??اڪستان ۽ وچ اوڀر جي ??چ ۾ ڊيجيٽل رابطو قائم ٿيڻ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته بونا – راست ڪنيڪٽيويٽي پراجيڪٽ ملڪ ۾ ڊيجيٽل ڏيتي ليتي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، اهو اهم قدم ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻي جي ??هڪري کي باضابطا بڻائيندو ۽ ڊيجيٽل گورننس جي ??ظام کي بهتر بڻائيندو. وزيراعظم چيو ته بونا – راست سان ان ??رڏيهي ناڻي کي آسان ۽ سستي طريقي سان ??اڪستان ??وڪلي سگهبو، بونا – راست اسان جي گڏيل ويزن جو عڪاس آهي. ڊاڪٽر فهد چيو ته پاڪستان عرب دنيا کان ??اهر عرب مانيٽري فنڊ جي ??نصوبي بونا سان ڳنڍجندڙ پهريون ??لڪ آهي، بونا – راست جي ڪري ٻنهي طرفن جي ??عيشت گڏيل تعاون ۽ اعتماد سان ترقي ڪندي.