اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بونا راست ڪنيڪٽيويٽي منصوبو هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، جنهن سان پاڪستان جي ڊيجيٽل ادائيگين جي انفراسٽرڪچر کي سگهه ملند??، ان منصوبي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي شفاف ۽ موثر انداز ۾ رقم جي منتقلي ڪري سگهندا، ان منصوبي سان حوالا هُنڊي جو خاتمو ٿيندو، ناڻي واڌ ۾ اضافو ۽ ڪاروبار کي فروغ ملندو، زراعت، معيشت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري جا 5 سال ”هوم گرائونڊ اڪنامڪ پروگرام“ جو باضابطا اعلان ڪرڻ وڃي رهيا آ??يون. ه?? بونا راست ڪنيڪٽيويٽي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته بونا راست ڪنيڪٽيويٽي منصوبو پاڪستان جو پهريون سرحد پار رقم جي منتقلي جو نظام آهي، جنهن سان عرب ملڪن مان جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي رقم جي منتقلي شفاف ۽ موثر انداز ۾ ٿي سگهندي. ان منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ڪارانداز ۽ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورائتا آ??يون. هي تمام اهم منصوبو آهي ڇو ته ان سان پاڪستان جي ڊيجيٽل ادائيگين جي انفراسٽرڪچر کي سگهه ملندي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان ڊيجيٽل گورننس جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آ??يون. ان تاريخي سنگ ميل سان عرب دنيا سان اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ۽ جديد رخن تي قائم ٿيندا. ان تاريخي منصوبي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي خاندانن جي وقت سر امداد ۽ رقم جي منتقلي ۾ مدد ملندي. بونا راست سان عوام کي سهولت ۽ ڪاروبار کي فروغ ملندو. ان منصوبي سان رقم جي منتقلي جي غيرروايتي چينل جو خاتمو ٿيندو. ان منصوبي سان ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيندو. حوالا هُنڊي سان رقم جي منتقلي جو خاتمو ٿيندو. ان منصوبي سان پاڪستان جي رقم جي ڊيجيٽل منتقلي جو بنيادي ڍانچو مضبوط ٿيندو. پنهنجي گڏيل ڪوششن ۽ ٽيم ورڪ سان هڪ ڏينهن اسان ملڪ کي درپيش چئلينجز منهن ڏيندي پنهنجي منزل ضرور حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر ۾ وڏي پئماني تي سڌارن جو عمل جاري آهي، جنهن جي آئون ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهيان، ان جي لاءِ بل ملنڊا اينڊ گيٽس فائونڊيشن ۽ ڪارانداز جو مالي تعاون حاصل آه??، ان سان گڏوگڏ اسان کي ٻيو چئلينج توانائي جي شعبي ۾ درپيش ??هي. ان کي اسان منهن ڏئي رهيا آ??يون ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ان جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته هو جلد هوم گرائونڊ اڪنامڪ پروگرام جو اعلان ڪرڻ وڃي رهيو ??هي. ان ڏس ۾ سڀني ڌرين سان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان مشاورت جو سلسلو جاري آهي، هاڻي ان پروگرام کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. اهو اسان جو ايندڙ 5 سالن جو پروگرام هوندو ته ڪهڙي طرح اسان کي پنهنجي معيشت، زراعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آڻڻي ??هي. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل راست نظام کي عرب مانيٽري فنڊ تحت بونا سان ڳنڍيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان جي قوم تمام بهادر ۽ مضبوط آه??، اسان جي عوام ڀرپور صلاحيتن ۽ توانائين سان مالامال آه??، اسان کي ماضي وانگر وقت ضايع ناهي ڪرڻو پر هن ملڪ کي عظيم بڻائڻو آه??، ان جي لاءِ رڳو محنت اسان جو عزم ??هي. ان موقعي تي بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي فائونڊيشن جو اهو عزم آهي ته دنيا ۾ هر هڪ صحتمند ۽ بهتر زندگي گذاري سگهي. اسان سائوٿ ايشيا سميت سڄي دنيا ۾ عوام جي زندگي ۽ انهن کي روزگار جي فراهمي جي لاءِ تنظيمن ۽ حڪومتن سان حصيداري تي فخر ڪريون ٿا. بونا راست ڪنيڪٽيويٽي منصوبي مان سڀ کان وڌيڪ عورتون فائدو کڻنديون. روايتي چينل سان رقم جي منتقلي محفوظ ۽ آساني سان ٿي سگهندي. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي خاندانن ڏانهن حفاظت سان رقم منتقل ڪري سگهن ٿا. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته بونا راست منصوبو تمام گهڻي اهميت رکندڙ ??هي. وزيراعظم جي قيادت ۾ معيشت بهتري طرف گامزن ??هي. ملڪ ۾ مائيڪرو استحڪام اچي رهيو آهي، پاڪستاني رپئي جي قدر مستحڪم ٿي رهي آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافوٿيو آه??، اسان جو ڊيجيٽل اڪانومي طرف وڌڻ خوش آئنده ??هي. توانائي جي شعبي ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي لاءِ پرعزم آهيون. بونا رياست سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهو پنهنجي پيارن کي آساني سان رقم منتقل ڪري سگهندا. ان موقعي تي وزيراعظم بونا راست ڪنيڪٽيويٽي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪردار ۽ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت تي عرب مانيٽري فنڊ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهد الترڪ??، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد، ڊاڪٽر انيتا زيدي، وقاص الحسن کي شيلڊ پيش ڪئي.