GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ايندڙ چونڊن جي تاريخ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ايندڙ چونڊن جي تاريخ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پارليامينٽ هڪ قانون پاس ڪيو آهي جنهن موجب اليڪشن ڪميشن کي نئين چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان قياس آرائيون ختم ٿيڻ گهرجن ڇو ته اهي مقرر قانون موجب ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته اسان نگران حڪومت جي مدي کي ڊيگهه ڏيڻ جو ڪو ارادو نه ٿا رکون. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جي شاگرد جي حيثين سان هو مسلم اقليت جي حقن جي تحفظ ۽ ان کي اڪثريت سان ڏاڍ کان بچائڻ تي قائداعظم جا ٿورا مڃيندو، جيڪڏهن قائداعظم مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ قائم نه ڪري ها ته مسلمانن جي مذهبي ۽ ثقافتي تشخص جو تحفظ مشڪل ٿي وڃي ها. هن چيو ته هو قائداعظم جي آئين پسندي، برابري ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ کيس ساراهي ٿو. نگران وزيراعظم يقين ڏياريو ته اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، اسان اهي قدم ان لاءِ کڻي رهيا آهيون ته جيئن نئين حڪومت پنهنجي مينڊيٽ سان عوامي مفاد جي لاءِ پنهنجو آساني سان جاري رکي سگهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي ۾ موجوده عسڪري قيادت شامل آهي، اهڙي طرح ڪائونسل هڪ مضبوط آئيني ۽ قانوني ادارو آهي جيڪا ٺوس قدمن ۽ فيصلن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي. هن چيو ته نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ سٺي ڪوآرڊينيشن هئي جيڪا فيصلن تي عملدرآمد مددگار ثابت ٿي. هن چيو ته ايس آئي ايف سي اقتصادي بحالي جي لاءِ زراعت ۽ معدنيات سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته سيڙپڪاري جي وڏن منصوبن تي ڪم ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اهي ترقي جي مرحلي تي پهچي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جا افغانستان سان گهڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ ان سان واپار، دهشتگردي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي معاملن تي باقاعده ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ڌريون ان احساس سان ڳالهه ڪري رهيون هيون ته پاڙيسرين کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رياست دهشتگردن جي خلاف پنهنجي مضبوطي جو مظاهرو ڪندي ڇو ته ڪنهن به حالت ۾ ڪنهن کي تشدد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي. 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان هن چيو ته شرپسندن ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جو سهارو ورتو ۽ ان پوري واقعي کي مقامي ۽ عالمي ميڊيا رپورٽ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم چونڊيو ۽ جڏهن هو پاڪستان ايندو ته ان سان ملڪي قانون موجب سلوڪ ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته ان جو سياسي پارٽين جي قيادت سان ملاقاتون شروع ڪرڻ جو ڪو ارادو نه آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن، چين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان هڪ ارب کان وڌيڪ آبادي واري براعظم سان پنهنجي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ”لُڪ آفريقا“ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. هن چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گڏيل اتفاق راءِ سان طئي ٿيل وقت تي پاڪستان جو دورو ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي جسم ۽ روح جو حصو آهي ۽ ڪشميرين پاڻ کي پاڪستان سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ سميت راندين تي سياست نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت سان ڪرڪيٽ بابت مسئلا رڳو ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن کي اٿارڻ گهرجن، اسان پاڪستان کي راندين جي لاءِ محفوظ ملڪ بڻائي رهيا آهيون پر اسان ڪنهن ملڪ کي پاڪستان ۾ کيڏڻ تي مجبور نه ٿا ڪري سگهون. نگران وزيراعظم چيو ته هن ڪوئيٽا جي دوري دوران يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ڪئي ۽ هاڻي هو هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات ڪندو ته جيئن تعليم جي شعبي کي درپيش مسئلن تي ڌيان ڏئي سگهجي. هن چيو ته حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي.

مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha
متعلقہ مضامین
مزید خبریں